اسلام آباد – 20 جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه ??حم??د قريشي ترڪي ۾ منعقد ان??ال??ه سفارتي فورم جي موقعي تي اقتصادي سهڪار تنظيم (اي سي او) جي سيڪريٽري جنرل هادي سليمان پور سان غير رسمي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران اقتصادي سهڪار تنظيم ۾ پاڪستان جي متحرڪ ڪردار، اي سي او ميمبر ملڪن وچ ۾ واپار کي هٿي وٺائڻ سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان موقعي تي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان اقتصادي سهڪار تنظيم جو باني ميمبر هج?? جي حيثيت سان علائقائي اتحاد ۽ رابطن کي هٿي وٺائڻ لاءِ پر عزم آهي، پاڪستان اقتصادي سهڪار تنظيم جي فريم ورڪ جي ر??شني ۾ ميمبر ملڪن سان گڏيل واپار، اقتصادي ترقي ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ پنهنجو مصالحاڻيون ڪوششون ڪت?? آڻي ر??يو آهي.