اسلام آباد – 07 جون (اي پي پي) وزيراعظم قومي پوليو مهم جو آغاز اسلام آباد کان ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياري ڪ??ي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پوليو جي خاتمي بابت قومي ٽاسڪ فورس جي اجلاس جي صدارت به ڪندو. موجوده حڪومت جي ڪوششن جي ڪ??ي هن سال ملڪ ۾ هن وقت تائين ??ڪ پوليو ڪي رپورٽ ٿيو آهي، تنهن هوند?? به سمورن ٻارن تائين ??ُهچ هڪ وڏو چئلينج آهي جنهن جي لاءِ ڀرپور مهم جو آغاز ڪيو پيو وڃي، حڪومت پوليو جي خاتمي لاءِ جامع قومي ايمرجنسي ايڪشن پلان جوڙي ڇڏيو آهي جنهن جي عملداري وفاق ۽ صوبائي حڪومتون گڏيل طور تي ڪ??ي ره??ون آهن.