اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسيپڪر اسد قيصر سان آزاد ڪشمير جي تحريڪ انصاف آزاد جي صدر بئريسٽر سلطان محمود چوڌري ملاقات ڪئي جنهن ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي، معاشي ۽ سلامتي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر چيو ت?? پاڪستاني حڪومت ۽ عوام ڪشميري ??وام سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي، ڀارت جو ڪشميري ??وام تي ڪيل انسانيت لڄائيندڙ ظلمن جو پوري ??نيا مذمت ڪري ٿي، ڀارت کي والاريل ڪشمير جي عوام کي انهن جو بنيادي حق ڏيڻو پوندو، ڀارت طرفان والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين سان پوري ??نيا آگاهه آهي، عالمي برادري کي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي حڪومت پاران ڪيل ظلمن جو نوٽيس وٺڻ گهرجي، اسپيڪر چيو ت?? ڪشميري ??وام جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري ??کي ويندي.