اسلام آباد -29 نومبر (اي پي پي) مواصلات ۽ پوسٽل سروسز جي وفاقي وزير مراد سعيد چ??و آهي ته پي ڊي ايم جا جلسا ناڪام ٿي چڪا آهن. پشاور جلسي ۽ گلگت بلتستان ۾ ناڪامي جي ڪري اپوزيشن وائڙپ جو شڪار آهي، سموري قوم ڄاڻي ٿي ته مخالف ملڪي مفاد ۾ ڪجهه به نه ڪ??و آهي. اڳوڻن حڪمرانن ملڪ ۾ هڪ به اهڙو اسپتال نه ٺهرايو جتي هو پنهنجو علاج ڪرائي سگهن. اسان کي حڪومت ملڪي ته معيشت آءِ سي يو ۾ هئي. وزيراع??م عمران خان جي بهترين حڪمت عملي سبب ڪورونا جي پهرين لهر تي اثرائتي نموني ضابطو آندو ويو. پريس ڪان??رن?? کي خطاب ڪندي مراد سعيد چيو ته عمران خان کي مزدور ۽ ڏهاڙيدار طبقي جو فڪر آهي. انهيءَ ??اءِ هن سمارٽ لاڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو. احساس پروگرام وسيلي هڪ ڪروڙ 60 لک خاندانن کي 12 هزار رپيا امداد ڏني وئي.