اسلام آباد – 14 نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڀارت پاران پاڪستان ۾ د??شتگردي جي سرپرستي جا نا قابل ترديد ثبوت موجود آهن. ڀارت رياستي دهشتگردي ۾ سڌو سنئون ملوث آهي ۽ ان کي هٿي وٺرائي رهيو آهي. دنيا ڄاڻي چڪي آهي ته ڀارت ۾ انتهاپسندي عروج تي آهي ۽ سڀ کان وڏي جمهوريت جي ??عو??دار ڀارت روگ اسٽيٽ جو روپ اختيار ڪندي پئي وڃي. عالمي برادري کي پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ جي ڀارتي منصوبن جي ڄاڻ وقت به وقت ڏيندا رهيا آهيون. ڀارت جي رياستي دهشتگردي تي وڌيڪ چپ رهڻ نه پاڪستان ۽ نه ئي ڏکڻ ايشيا جي مفاد ۾ آهي. پرڏيهي وزير پاڪ فوج جي سڌ سماءَ ??اري شعبي آئي ايس پي ??ر جي ڊائريڪٽر ميجر جنرل بابر افتخار سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي پاڪستان ۾ د??شتگردي جي ڪارروائين ۾ ڀارتي ادارن جي هٿ هجڻ، پابندي پيل تنظيمن سان مالي سهڪار، انهن تنظيمن جي ڪارڪنن کي سکيا ۽ هٿيارن جي فراهمي ۽ ملڪ جي مختلف حصن ۾ ٽارگيٽس جي نشاندهي ۽ پئسن جي منتقلي بابت شاهديون پيش ڪيون.