لاهور – 28 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سمورا جيب ڪترا اسٽيج تي بيهي گوڙ ??ري رهيا آهن، سمورن چورن جو احتساب ٿيندو هاڻي انهن سان ڪنهن به صورت ۾ بليڪ ميل نه ٿينداسين، 30 سالن کان واريون وٺندڙ ڊنل آهن ڇو ته انهن کي هاڻي جيلن ۾ وڃڻو آهي، پهريون ڀيرو ملڪ ۾ ميرٽ تي ا??تساب ٿي رهيو آهي، ننڍي ننڍي مافيا تبديلي اچڻ نه پي ڏي، معمولي کنگهه تي لنڊن ويندڙن کي ڪهڙي خبر ته پاڪستان جي ا??پتالن جو ڪهڙو حال آهي. هو ايوان اقبال لاهور ۾ انصاف ڊاڪٽرز ف??رم جي اهتمام هيٺ ڪنوينشن کي خطاب ??ري رهيو هو.