اسلام آباد – 09 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪورنگ پارڪ ۾ ٻوٽو لڳائي ملڪ جي سڀ ک??ن وڏي وڻڪاري مهم جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي ٽائيگر فورس جي رضاڪارن ۽ شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. شهرين ۽ ٽائيگر فورس جي ميمبرن مختلف ٻوٽا لڳايا. حڪومت 9 آگسٽ تي سڄي ملڪ ۾ ٽائيگر فورس جو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيو هو ۽ 10 بلين ٽري سونامي پروگرام تحت 10 لک ک??ن وڌيڪ رضاڪارن سان گڏ ٻوٽا لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو. منصوبي ت??ت خيبرپختونخواهه ۾ 20 لک، پنجا?? ۾ 11 لک 90 هزار، سنڌ ۾ 3 لک، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 57 هزار، بلوچستان ۾ 15 هزار ۽ گلگت ۾ 11 هزار 500 ٻوٽا لڳائڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو.