اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ”ڪشمير استحصال ڏهاڙي“ جي ??وا??ي سان سينيٽ جو اجلاس 5 آگسٽ اربع ڏينهن صبح ساڍا ڏهين وڳي طلب ڪيو آهي. سينيٽ جي خصوصي اجلاس دوران ڪشمير مسئلي جي ??وا??ي سان پارليامينٽ ۽ عوام پاران مظلوم ڪشميرين جي حق ۾ هر سطح تي آواز اٿارڻ جي عزم کي ورجايو ويندو ۽ ڪشميرين جي خودمختياري جي حق کانسواءِ ڀارت جي قبضي هيٺ ڪشمير ۾ قابض ڀارتي فوج پاران ڪيل ظلمن جي خلاف پڻ آواز اٿاريو ويندو. ان موقعي تي عالمي برادري تي زور ڏنو ويندو ته اها ڀارت جي قبضي هيٺ ڪشمير ۾ ڀارتي فوج پاران ڪيل ظلم بند ڪرائڻ جي لاءِ پنهنجو اثررسوخ ا??تعم??ل ڪ??ي. ??ينيٽ جو اهو خاص اجلاس ڪشمير جي ??وا??ي سان هڪ نقاطي ايجنڊا تي هوندو جنهن دوران سينيٽ ۾ موجود سياسي پارٽين جا پارلياماني اڳواڻ ??حث ۾ حصو وٺندا. اهو اجلاس ان ??وا??ي سان به تاريخي اهميت رکي ٿو ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي اجلاس کي خطاب ڪندو. ان موقعي تي پاڪستان ۽ آزاد ڪشمير جا جهندا پڻ ايوان ۾ رکيا ويندا. اجلاس جي ڪارروائي ڏسڻ جي لاءِ مختلف ملڪن جي سفيرن ۽ هاءِ ڪمشنرن کي خاص طور تي دعوت ڏني وئي آهي.