اسلام آباد – 06 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عوام تي زور ڏنو آه?? ته جهڙي طرح اها ان ڳالهه تي يقين رکي ٿ?? ته ڪورونا وائرس ڄاڻي واڻي ناهي پکيڙيو ويو اهڙي طرح ڪوويڊ 19 جي خلاف ايس او پيز تي يقين ۽ ان تي عمل به ڪري. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن برطانيا جي هفتيوار دي اڪنامسٽ ۾ شايع ٿيندڙ سروي رپورٽ شيئر ڪئي ج??هن ۾ اهو ٻڌايو ويو آه?? ته پاڪستاني دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ان ڳالهه تي يقين رکندڙ ??اڻهو آهن ته ڪورونا وائرس ڄاڻي واڻي ناهي پکيڙيو ويو. هلندڙ سال مارچ ۾ ٿيندڙ سروي موجب 72 سيڪڙو پ??ڪستاني ان ڳالهه تي يقين رکن ٿا ته ڪا پرڏيهي قوت اهو وائرس نه پکيڙي رهي آهي ۽ اهو قدرتي آهي جڏهن ته رڳو 23 سيڪڙو جو اهو وهم آه?? ته وائرس ڄاڻي واڻي پکيڙيو ويو آهي.