اسلام آباد – 28 مئي (??ي پي پي) وزيراعظم جي صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو آهي ته محدود لاڪ ڊائون پاليسي اختيار ڪرڻ بابت ايندڙ اجلاس ۾ غ??ر ڪيو ويندو، فيڪٽري ۽ مل مالڪن ڪورونا وائرس سبب ڪارڪنن جي تحفظ لاءِ احتياطي تدبيرن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائين، پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت ڏه??ڙي تي ڪم ڪن??ڙ مزدورن جي مالي حالتن لاءِ سخت پاليسي نه اختيار ڪندي.