اسلام آباد – 10 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته اڄ جي ڏينهن شه??دن جي مائرن کي خاص سلام پيش ڪريون ٿا جن پنهنجي فرزندن جي عظ??م قرباني ڏني آهي، پاڪستان جون مائرون دنيا ۾ ان لحاظ کان منفرد آهن ته پنهنجي فرزندن جي شهادت تي الله جو شڪر ادا ڪن ٿيون. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته بلوچستان ۾ بارودي سنگهه سان گاڏ?? ٽڪرائجڻ جي نتيجي ۾ شه??د ٿيندڙ ميجر نديم عباس ۽ ٻين جوانن، انهن جي مائرن ۽ گهرڀاتين ??ي اڄ قوم سلام پيش ڪري ٿي.