اسلام آباد – 09 نومبر (اي پي پي) وزيراعظ?? عمران خان سماجي ۽ سياسي مسئلن جي حل لاءِ علامه م??مد اقبال جي فڪر مان فائدو کڻڻ جي ضرورت تي زو?? ڏنو آهي، هن چيو ته پاڪستاني قوم علامه اقبال جي فڪر مان فائدو کڻي ته جيئن ملڪ ۽ مسلمان امت کي درپيش سماجي، اقتصادي ۽ سياسي مسئلن جو حل ڳولي سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن شاعر مشرق علامه م??مد اقبال جي پيدائش جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو.