اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چي?? آهي ته ??اڪستان پنهنجي خودمختياري تي ڪڏهن ٺاهه نه ڪندو جڏهن ته ڪنهن به ٻاهرئين جارحيت کي سختي سان منهن ڏنو ويندو، پاڪستاني قوم ملڪ کي مضبوط ۽ خوشحال بڻائڻ جي سفر ۾ متحد بيٺل رهندي. پريڊ ايوينيو شڪر پڙيان ۾ پاڪستان ڏهاڙي جي پريڊ ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي هن چي?? ته دشمن تي واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته ??اڪستان پنهنجي خودمختياري تي ڪڏهن ٺاهه نه ڪندو ڇو ته ??وم ۽ ان جي هٿياربند فوج ڪنهن به جارحيت کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ تيار آهي. هن سال پاڪستان ڏاهڙي جي سالياني تق??يب کي تمام گهڻي اهميت حاصل آهي ڇو ته 57 رڪني اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي پرڏيهي وزيرن هٿياربند فوج جي پريڊ جو مظاهرو ڏٺو. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان، ڪابينا جا ميمبر، پرڏيهي سفارتڪار، اعليٰ سول ۽ فوجي عملدار ۽ پاڪستان جي لاءِ خدمتن تي تعريفي سرٽيفڪيٽ حاصل ڪندڙ اهم شخصيتن کانسواءِ ماڻهن جو وڏو انگ موجود هو. صدر عارف علوي چي?? ته ??اڪستان جي پاڙيسري ملڪ جا توسيع پسنداڻا ارادا ڏکڻ ايشيا جي سلامتي ۽ ا??تح??ام جي لاءِ ڳڻتي جو سبب آهن. هن ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي غيرقانوني قبضي جو ذڪر ڪيو ۽ عالمي برادري ۽ گڏيل قومن تي زور ڏنو ته اهي انساني حقن جي جاري خلاف ورزين کي روڪين. انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي خلاف ملڪ جي عزم جو ذڪر ڪندي صدر چي?? ته ??اڪستاني قوم جنگ ۾ تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن ۽ اندروني ۽ ٻاهرئين سازشن جو ڄمي مقابلو ڪيو آهي. هن نهنجي ملڪ کي مضبوط ۽ خوشحال بڻائڻ تي ملڪ جي هٿياربند فوج ۽ قوم جي بهادري ۽ حوصلي کي ساراهيو. صدر چي?? ته ??وم ۽ سمورن رياستي ادارن ملڪ ۾ جمهوريت جي بالادستي جي حمايت ڪئي آهي. هن چي?? ته اسان کي قائداعظم محمد علي جناح جي ان قول کي سدائين نظر ۾ رکڻ گهرجي ته بطور قوم متحد ٿي بيهون ۽ پنهنجي صفن ۾ ايمان، اتحاد ۽ نظم ۽ ضبط جو مظاهرو ڪريون. صدر پاڪستان جي ڏهاڙي جي موقعي تي قوم کي مبارڪباد ڏني ۽ چي?? ته ??ي ڏينهن اهڙي طرح خاص آهي ته ??ي ملڪ جي قائم ٿيڻ جي 75 هين سالگرهه جو موقعو آهي. هن انهن هم وطنن کي شاندار خراج تحسين پيش ڪيو جن ملڪ جي خودمختياري لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪيون ۽ ان جي ا??تح??ام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. صدر چي?? ته ??ڪ مضبوط ۽ متحد قوم هجڻ جي ناطي اسان پنهنجي ملڪ جي سلامتي ۽ خودمختياري کي بلند رکڻ جو وچن ڪريون ٿا. پاڪستان جي ميزباني ۾ او آءِ سي جي 48 هين پ??ڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي ٻن ڏينهن واري اجلاس جي مناسبت سان هن چي?? ته باني ميمبر جي حيثيت سان پ??ڪستان اسلامي ملڪن جي تنظيم جي مضبوطي لاءِ پرعزم آهي. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته دنيا کي فلسطين ۽ ڪشمير جي مسئلن سميت ڪيترائي چئلينجز دپيش آهن جن جي فوري حل جي ضرورت آهي. هن سڄي دنيا ۾ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ رجحان جي نشاندهي ڪندي چي?? ته اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) ۽ پاڪستان ان جي خلاف ڀرپور ڪوششون ڪيون جنهن جي نتيجي ۾ گڏيل قومن پ??ران هڪ قرارداد منظور ٿي. هن ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ته ??ر سال 15 مارچ تي اسلامو فوبيا جي خاتمي جي ڏينهن طور ملهايو ويندو ۽ چي?? ته اهو قدم پوري دنيا ۾ مسلمانن جي خلاف نفرت کي روڪڻ ۾ مدد ڏيندو. افغانستان بابت هن چي?? ته دنيا کي ان صورتحال جو نوٽيس وٺڻ گهرجي جتي افغاني بک ۽ غربت جي شڪل ۾ انساني بحران جو شڪار آهن. صدر چي?? ته ??اڪستان کي انتهاپسندي، عدم برداشت، جعلي خبرن ۽ عورتن جي ح قن کان انڪار جا چئلينجز درپيش آهن. معاشري جي سمورن طبق خاص طور تي عالم سڳورن، والدين، استادن ۽ ميڊيا کي اپيل آهي ته اهي ان سلسلي ۾ پنهنجي ذميواري جو احساس ڪن. هن خانداني نظام کي قوم جي طاقت قرار ڏنو ۽ چي?? ته ان سان سماجي ڍانچي کي برقرار رکڻ ۾ مدد ملي ٿي. هن ان يقين جو اظهار ڪيو ته ??وم ملڪ کي مضبوط ۽ خوشحال بڻائڻ جي سفر ۾ متحد بيٺل رهندي. هن چي?? ته ??ي تق??يب اسان جي قوم جي اتحاد، ترقي ۽ اسان جي فوجي طاقت جي عڪاس آهي.