غزه -24 آڪٽوبر (اي پي پي) فلسطين جي تحريڪ مزاحمت حماس انساني همدردي جي بنياد تي وڌيڪ ٻن پيرسن عورتن کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي، جن کي رفح بارڊر ڪراسنگ تان هڪ هيليڪاپٽر ذريعي اسرائيل جي گادي واري شهر تل ابيب منتقل ڪيو ويو جتي سندن وارث منتظر هئا. برطانوي اخبار جي رپورٽ مطابق اهي عورتو?? بيمار هيون ۽ سندن آزادي مصر ۽ قطر جي ٽياڪڙي جي ڪوششن ۾ عمل ۾ آئي آهي. برطانوي خابرو اداري مطابق حماس جي هٿياربند ونگ غزال??ين القسام برگيڊ جي ترجمان ابو عبيده ٽيليگ??ام تي چيو آهي، ته هن گذريل جمعي کان دشمن طرفان کين قبول ڪرڻ کان انڪار ۽ اسان جي قي??ين جي معاملي کي نظر انداز ڪرڻ باوجود اسان ٻن قيدي عورتن کي انساني همدردي ۽ خراب صحت جي بنياد تي آزاد ڪيو آهي.