اسلام آباد – 15 آڪٽوبر (اي پ?? پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ملڪ جي سم??جي ۽ معاشي ترقي جي لاءِ پرعزم آهي، پاڪستان عال??ي بئنڪ سان حصيداري کي گهڻي اهميت ڏي ٿو. هن اها ڳالهه هتي پاڪستان ۽ عال??ي بئنڪ جي وچ ۾ توانائي بابت هڪ ارب 15 ڪروڙ ڊالر جي ٻن معاهدن تي صحيحن جي تقريب جي موقعي تي چئي. اهي ٻئي معاهدا خيبرپختونخوا ۾ هائيڊرو پاور ۽ مت??ادل توانائي جي منصوبن بابت آهن، خيبرپختونخوا ۾ هائيڊرو پاور ۽ مت??ادل توانائي جي منصوبن تي 45 ڪروڙ ڊالر لاڳت ايندي، داسو هائيڊرو پاور منصوبي جي پ??رين فيز تي لاڳت جو ڪاٿو 70 ڪروڙ ڊالر آهي، خيبرپختونخوا ۾ هائيڊرو پاور ۽ مت??ادل توانائي جو منصوبو هڪ ترقياتي پروگرام آهي جنهن سان صوبي ۾ مت??ادل توانائي جي وسيع صلاحيت مان فائدو کڻڻ ۾ مدد ملندي.