اسلام آباد – 30 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي ا??لام آباد ۾ ڪويت جي سفارتخاني ويو جتي هن ڪويت جي امير شيخ صباح الاحمد الصباح جي لاڏاڻي تي تعزيتي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر قلمبند ڪيا، سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب سينيٽ چيئرمين ان موقعي ڪويت جي سفير سان ڳالهائيندي چيو ته ڪويت جو امير ترقي پسند سوچ رکندڙ عظيم اڳواڻ هو، ڪويت جي امير جي قيادت ۾ ڪويت اقتصادي ۽ معا??ي ترقي جو هڪ نئون دور ڏٺو آهي، هن چيو ته ڪويت جي امير جي لاڏاڻي سان پاڪستان هڪ عظيم ۽ مخلص دوست کان محروم ٿي ويو.