اسلام آباد – 15 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪي ر??ين??و جو موثر استعمال، بهتر مالياتي ۽ قرض انتظام، توانائي ۽ مالياتي شعبن ۾ سڌارن ۽ سيڙپڪاري جي ماحول جي بهتري موجوده حڪومت ج?? ا??لين ترجيح آهي، ترقياتي مقصد جي لاءِ قرضن جي استعمال جا موقعا ڳوليا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ڪورونا وائرس سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مختلف ترقياتي حصيدارن کان ملڪ کي ملندڙ امداد جي حوالي سان ملڪ ج?? ا??دروني ۽ ٻاهرئين مالياتي صورتحال جو جائزو ورتو ويو.