راولپنڊي – 16 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته حڪومت جي متوازن حڪمت عملي سان ڪورونا جي ڦهلاءُ کي روڪڻ ۾ مدد ملي آهي جڏهن ته ملڪي معيشت جي ڪجهه اهم شعبن کي ک??لڻ سان ماڻهن کي روزگار جا موقعا به ملندا، عوام موجوده چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڊسپ??ين جو مظاهرو ڪري ۽ حڪومتي هدايتن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي، اسان جي قوم ماضي وانگر هن آزمائش مان سرخرو ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن راولپنڊي ريلوي اسٽيشن تي راشن ورهائڻ ??ار?? تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ريلوي ??ار?? وفاقي وزير شيخ رشيد احمد، سماجي ڀلائي ??ار?? خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۽ عون عباس پڻ ان موقعي تي موجود هئا. صدر غريب ۽ پورهيت طبقي جي لاءِ رمضان رليف پئڪيج جو اهتمام ڪرڻ تي منتظمين جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته نيڪ ڪمن جي تشهير سان ماڻهن ۾ اميد پيدا ٿئي ٿي ?? انهن کي خبر پوي ٿي ته انهن جي لاءِ ڪم ٿي رهيو آهي.