اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان سوئٽزرلينڊ جي دوري تان واپسي تي ڪوالالمپور ڪانفرنس ۾ شرڪت جي حوالي سان حتمي فيصلو ڪندو، نواز شريف کي طبي بنيادن تي ڏنل ضمانت جي 4 هفتن ۾ ڪجهه ڏينهن ??اقي آهن، آصف علي زرداري خلاف 11 ريفرنسز ۽ 14 انڪوائريون هلي رهيون آهن ??ڃان ته 40 سالن جو حساب وٺڻو ??هي، طبي بنيادن تي ضمانت جو مطلب ڪيسن مان بريت ناهي ٿي، احتساب ڪندڙ ادارو زنده ۽ ڪرپٽ ماڻهن ??ا مفاد مرڻ شروع ٿ?? ويا آهن،. هُوءَ انفارميشن سروسز اڪيڊمي ۾ سسٽين ايبل سوشل ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن (ايس ايس ڊي او) جي سهڪار سان جوڙيل پاڪستان انفارميشن ڪميشن ج?? ويب سائيٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي.