اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) ڪنٽرول لائي?? جي ٻنهي طرفن ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميرين 27 آڪٽوبر کي ڪارو ڏينهن ڪري ملهايو. اسلام آباد ۾ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ ڄمون ۽ ڪشمير لبريشن سيل جي اهتمام هيٺ ڪاري ڏينه?? جي موقعي تي گڏيل قوم?? جي ملٽري آبزرور گروپ جي ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري جي قيادت ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس آزاد ڪشمير شاخ جي سينيئر اڳواڻ غلام محمد صفي ڪئي جڏهن ته حڪومتي وزير احمد رضا قادري آز??د حڪومت رياست ڄمون ۽ ڪشمير جي نمائن??گي ڪندي خصوصي طور تي شرڪت ڪئي. مظاهري کي حريت ڪانفرنس جي سيڪريٽري جنرل شيخ عبالمتين، سينيئر حريت اڳواڻ ??يد يوسف نسيم سميت زن??گي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.