اسلام آباد – 09 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته ??نتظامي ادارا بنا ڪنهن فرق جي ۽ بنيادي فرض سمجهي بدعنوا??ي جي خاتمي جي لاء?? قدم کڻن ته ملڪ کي تمام جلد ان لعنت مان ڇوٽڪارو ملي سگهي ٿو، اسان کي الله تعاليٰ جي خوشنودي ۽ جهاد سمجهي بدعنوا??ي جي خاتمي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو، ڪرپشن جي خاتمي لاءِ پوري قوم رضاڪاراڻو ڪردار ادا ڪري ۽ معاشري ۾ اهڙين ڪارين رڍن جي نشاندهي ڪري جيڪي اهڙين سرگرمين ۾ ملوث هن. صدر اها ڳالهه ايوان صدر ۾ بدعنوا??ي جي خاتمي جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي چئي.