اسلام آباد– 20 – ڊسمبر (اي پي پي( وزيراعظم محمد شهباز شريف انساني ??سم??لنگ بابت جاري جاچ جلد کان جلد م??مل ڪري ٺوس سفارشون پيش ڪرڻ، سهولتڪاري ۾ ملوث ايف آءِ اي اهلڪارن جي نشاندهي ۽ انهن جي خلاف سخت ڪارروائي ۽ ??سم??لنگ جي روڪٿام جي لاءِ لاڳاپيل ا??ارن کي پاڻ ۾ رابطو وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت ۾ انساني ??سم??لنگ جي روڪٿام بابت اهم اجلاس ٿيو. وزيراعظم چيو ته انساني ??سم??لنگ پاڪستان جي لاءِ سڄي دنيا ۾ بدنامي جو سبب بڻجي ٿي. هن انساني ??سم??لنگ جي روڪٿام جي لاءِ لاڳاپيل ا??ارن کي پنهنجا رابطا وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته 2023ع جي ٻيڙي اونڌي ٿيڻ جي حادثي کانپوءِ ذميوارن جي خلاف ڪارروائي ۾ انتهائي سستي سان ڪم ورتو ويو، ذميوار آفيسرن جي خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي. هن انساني ??سم??لرن جي سهولتڪاري ۾ ملوث ايف آءِ اي اهلڪارن جي نشاندهي ۽ انهن جي خلاف سخت ڪارروائي ۽ انساني ??سم??لنگ بابت جاري جاچ جلد کان جلد م??مل ڪري ٺوس سفارشون پيش ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اجلاس کي يونان ٻيڙي حادثي ۽ انساني ??سم??لنگ جي روڪٿام جي حوالي سان قدمن تي بريفنگ ڏني و??ي. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته يونان ٻيڙي حادثي ۾ فوت ٿيندڙ 5 پاڪستانين جي سڃاڻپ ڪئي و??ي آهي، ٻين جي سڃاڻپ جو عمل جاري آهي. ايٿنز ۾ موجود پاڪستاني سفارتخانو ٻيڙي حادثي جي حوالي سان يوناني عملدارن سان مسلسل رابطي ۾ آهي، ٻيڙي حادثي جي حوالي سان معلومات ۽ مدد جي لاءِ ايٿنز ۾ موجود پاڪستاني سفارتخاني سان هيلپ لائين +30-6943850188 ۽ پرڏيهي و??ارت جي ڪرائيسز مئنيجمينٽ يونٽ جي نمبر 0519207887 تي رابطو ڪري سگهجي ٿو. بريفنگ ۾ اهو به ٻڌايو ويو ته گوجرانوالا، گجرات، سيالڪوٽ ۽ منڊي بهاءَ الدين جي ضلعن مان سڀ کان وڌيڪ ماڻهو انساني ??سم??لرن جو شڪار ٿين ٿا، انساني ??سم??لنگ جي روڪٿام جي حوالي سان قانونسازي وڌيڪ بهتر بڻائي پئي وڃي. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي و??ير اسحاق ڊار، اقتصاسدي معاملن واري وفاقي و??ير احد خان چيما، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير عطاءُ الله تارڙ، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل ا??ليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. يونان ۾ مقرر پاڪستان جي سفير اجلاس ۾ وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي.