اسلام آباد– 16 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس ??ي ترجمان چيو آهي ته يونان ۾ ٻيڙين جي اونڌي ٿيڻ جي واقعن ۾ فوت ٿيندڙن مان چئن پاڪستاني شهرين جي سڃاڻپ ٿي وئي ??هي. پنهنجي بيان ۾ ترجمان چيو ته اسان گهري ڏک سان اعلان ڪريون ٿا ته يوناني عملدارن پا??ان شيئر ڪيل تازه ترين معلومات مو??ب ڇنڇر ڏينهن يونان جي جزيري ڪريٽ جي ڏکڻ ۾ ٻيڙين جي اونڌي ٿيڻ جي واقعن ۾ فوت ٿيندڙن مان چئن پاڪستاني شهرين جي سڃاڻپ ٿي ??هي. ترجمان چيو ته ايٿنز ۾ اسان جو مش?? يوناني عملدارن سان رابطي ۾ آهي ته جيئن بچي ويلن کي سهولت فراهم ڪري سگهجي ۽ لاشن کي وطن واپس آڻي سگهجي.