اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف واپار واري وزارت جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي روانگي واپار وڌائڻ جي لاءِ نيشنل ايڪسپورٽ ڊيولپمينٽ بورڊ جو اج??اس ايندڙ هفتي گهرائڻ ۽ بلوچستان جي سرحدي ضلعن جي لاءِ روزگار جا پائيدار موقعا وڌائڻ جي لاءِ فوري قدم کڻڻ جي هد??يت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ واپار واري وزارت جي ڪارڪردگي جي حوالي سان جائزه اج??اس ٿيو. وزيراعظم پنهنجي جاري ڪيل هد??يتن جي تعميل تي واپار واري وزارت جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي پاڪستاني روانگي واپار وڌائڻ جي لاءِ نيشنل ايڪسپورٽ ڊيولپمينٽ بورڊ جو اج??اس ايندڙ هفتي گهرائڻ جي هد??يت ڪئي. هن بلوچستان جي سرحدي ضلعن جي لاءِ روزگار جا پائيدار موقعا پيدا ڪرڻ ۽ ملائيشيا کي پاڪستاني چانور جي برآمدات وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ قدمن جي پڻ هد??يت ڪئي. وزيراعظم چيو ته ملائيشيا جي وزيراعظم داتوسري انور ابراهيم جي پاڪستان جي تازي دوري ۾ پاڪستان مان ملائيشيا کي چانور جي برآمدات وڌائڻ تي اتفاق ٿيو. هن هد??يت ڪئي ته مل??ي روانگي واپار وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان ۾ موجود خصوصي اقتصادي زونز کي فعال ڪيو وڃي ۽ انهن ۾ هوٽل، اسپتال، بزنس اسڪول ۽ ٻيون سروسز فراهم ڪيون وڃن. وزيراعظم ڪڻڪ، ڪپهه، ڪمند، چانور، کاڄرو تيل ۽ ٻين وڏين فصلن جي پيداوار وڌائڻ جي لاءِ ڪابينا جي خصوصي ڪميٽي جوڙڻ جي پڻ هد??يت ڪئي. بيان موجب ڪابينا ڪميٽي وڏين فصلن جي پيداوار وڌائڻ جي لاءِ ماهرن جي راءِ تي ٻڌل سفارشون پيش ڪندي. اج??اس ۾ وزيراعظم کي زرعي روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ قدمن جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته روس سان بارٽر ٽريڊ تحت زرعي جنسن جي واپار جي لاءِ ٻن مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ٿي چڪيون آهن، تاجڪستان جي حڪومت پاڪستان سان ٽيڪسٽائيل جي شعبي ۾ تعاون ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي. اج??اس ۾ واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان چيما، وزيراعظم جو ڪوآرڊينيٽر راڻا احسن افضل ۽ لاڳاپيل ادارن جا آفيسر شريڪ هئا.