پشاور-28 نومبر (اي پي پي) خيب??پخ??ونخوا جي گو??نر فيصل ڪريم ڪنڊي سان اوورسيز بزنس فورم برطانيا جي نمائندي وفد چيئرمين محمد فاروق خان جي قيادت ۾ گو??نر ھائوس ۾ ملاقات ڪئي. گو??نر ھائوس پشاور مان جاري بيان مطابق وفد گو??نر کي فورم جي انتظام ھيٺ برطانيا سميت ٻين ملڪن ۾ پاڪستاني شين ۽ ڪارو??ار کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ لاڳاپيل خدمتن کان آگاھه ڪيو. ان موقعي تي خيب??پخ??ونخوا جي گو??نر وفد سان ڳالھائيندي چيو ته خيب??پخ??ونخوا جي ڪاروباري شعبي کي عالمي دنيا ۾ متعارف ڪرائڻ لاءِ سنجيده قدم کڻڻ جي ضرورت آھي، صوبي ۾ سياحتي شعبي جي ترقي لاءِ لاڳاپيل معاملن کي آسان بڻائڻو پوندو. وفد گو??نر کي ٻڌايو ته پنجاب ۽ سنڌ جي ڀيٽ ۾ خيب??پخ??ونخوا مان ايڪسپورٽ نه ھجڻ جي برابر آھي. وفد چيو ته برطانيا سميت سمورن يورپ?? ملڪن ۾ خيب??پخ??ونخوا جي ڪاروباري نمائش لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ چاھيون ٿا.