اسلام آباد- 20 نومبر (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن بابت مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي معياري مواد جو هئڻ تمام اهم آهي، چاهيون ٿا ته ٽڪ ٽاڪ پليٽ فارم تعليمي مقصدن لاءِ به استعمال ٿئي. آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وز??رت مان جاري بيان موجب مملڪتي وزير ٽڪ ٽاڪ جي وفد سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪ??ي. ٽڪ ٽاڪ وفد جي قيادت ڊائريڪٽر پبلڪ پا??يسي ايمرگيلن ڪري رهيو هو. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ سوشل ميڊيا تي معياري مواد جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون ويون. ان موقعي تي آءِ ٽي جو سيڪريٽري ضرا?? هاشم خان به موجود هو. وفد مملڪتي وزير کي ٽڪ ٽاڪ جي پاڪستان ۾ قدمن ۽ مستقبل جي پروگرامن جي باري ۾ بريف ڪيو. مملڪتي وزير چيو ته پاڪستان ۾ ٽڪ ٽاڪ جا تمام گهڻا صارفين آهن، اهو تمام ضروري آهي ته سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي معياري مواد ميسر هجي، چاهيون ٿا ته پاڪستان ۾ ٽڪ ٽاڪ پليٽ فارم تعليمي مقصدن لاءِ به استعمال ٿئي، ان ذريعي مختلف قسمن جا اسڪلز ۽ لوڪل ٻولين ۾ بنيادي تعليم ڏئي سگهجي ٿي، انهن مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ آءِ ٽي وز??رت ٽاڪ ٽاڪ کي مڪمل سپورٽ فراهم ڪندي. ٽڪ ٽاڪ جي وفد مملڪتي وزير کي خاطري ڪرائي ته ٽڪ ٽاڪ تي وڌ کان وڌ معياري ۽ فائديمند مواد کي يقيني بڻايو ويندو. وفد چيو ته ٽڪ ٽاڪ وز??رت آءِ ٽي جي ذيلي ادارن سان گڏجي ڪم ڪرڻ چاهي ٿي.