اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي آس??ري??يا جي خلاف ون ڊي مئچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته هڪ ٻي غيرمعمولي مئچ ۾ فتح تي مبارڪ هجي. ??سا?? کي خبر ??ئي ته توهان اهو ڪري سگهو ٿا. وزيراعظم سوشل ميڊيا ايڪس تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ چيو ته آس??ري??يا جي خلاف متاثر ڪندڙ فتح تي ??سا?? کي پنهنجي ڪرڪيٽ ٽيم تي فخر آهي. هن چيو ته ڪاميابي جي پٺيان پي سي بي چيئرمين محسن نقوي ۽ پوري ٽيم جون تمام وڏيون ڪوششون آهن. وزيراعظم ڪپتان محمد رضوان کي ٽيم جي قيادت سان گڏوگڏ مئچ دوران 6 ڪئچ ڪرڻ، صائم ايوب کي 82 رنسون ٺاهڻ ۽ حارث رئوف کي 5 وڪيٽون حاصل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ??سا?? جي ٽيم جا حوصلا بلند آهن، پنهنجي ملڪ جو نالو روشن ڪندا رهو.