اسلام آباد-25 نومبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي نائب صدر سينيٽر شيري رح??ان چيو آهي ته پيپلز پارٽي جو عورت?? جي حق?? جي تحفظ ۽ هڪ محفوظ ۽ برابري جي بنياد تي معاشرو جوڙڻ جي حوالي سان تمام وا??ح مؤقف آهي، پ پ عورتن خلاف هر قسم جي تشدد جي خاتمي جي جدوجهد جاري رکندي. ڪالهه عورتن خلاف تشدد جي خاتمي جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته اڄ سڄي دنيا ۾ عورتن خلاف تشدد جي خاتمي جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي، عورتن خلاف تشدد صرف هڪ فرد جو ذاتي مسئلو ناهي پر هڪ سماجي مسئلو آهي جيڪو برابري ۽ انصاف جي بنيادي اصولن کي نقصان پهچائي ٿو. سينيٽر شيري رح??ان چيو ته پ پ جو عورت?? جي حق?? جي تحفظ ۽ هڪ محفوظ ۽ برابري جي بنياد تي معاشرو ڏيڻ جي حوالي سان تمام ئي وا??ح مؤقف آهي، اسان هميشه ان مسئلي جي حل لاءِ آگاهي، وڪالت ۽ قانونسازي ذريعي ??هم قدم کنيا آهن، ان سلسلي ۾ غيرت جي نالي تي (ڪرمنل لاز ترميمي ايڪٽ)، ڪم جي جاءِ تي عورتن کي هراسان ڪرڻ خلاف تحفظ ايڪٽ جي منظوري هڪ سنگ ميل جي حيثيت رکن ٿا، ان کان علاوه سينيٽ ننڍپڻ ۾ شادي تي پابندي جي بل جي منظوري ڏني، اهي قانون پاڪستاني معاشري ۾ رائج انهن سماجي روين کي چئلينج ڪرڻ جي ??هم ڪوشش آه?? جيڪي عورتن خلاف تشدد کي هٿي ڏين ٿا، جڏهن ته اهو سفر اڃا ختم ناهي ٿيو. هن چيو ته گهريلو تشدد، هراسان ڪرڻ، زبردستي شادي ۽ انساني اسمگلنگ جهڙن مختلف قسم?? جي صنفي تشدد پاڪستان ۾ لکين عورتن کي متاثر ڪيو آهي، اسان کي روايتي روي?? جي خاتمي لاءِ وڌيڪ ڪم ڪرڻ آهي، جيڪو عورتن خلاف تشدد جو معمول بڻائين ٿا، اڄ جي ڏينهن سمورن پاڪستانين کي اپيل ڪريان ٿي ته عورتن تي تشدد خلاف گڏ ٿي آواز اُٿارين، پ پ عورتن خلاف هر قسم جي تشدد جي خاتمي جي پنهنجي جدوجهد جاري رکندي.