اسلام آباد-06 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري آچر ڏينهن فيصل آباد ۾ شهيد ليفٽيننٽ ڪرنل محمد علي جي رهائش گاهه تي ويو ۽ شهيد جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري ڪيل بيان مطابق صدر مملڪت شهيد ليفٽيننٽ ڪرنل محمد علي جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ شهيد لاءِ فاتحه خواني ۽ بلند درجن لاءِ دعا ڪئي. ليفٽيننٽ ڪرنل محمد علي گذريل ڏينهن اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف وڙهندي شهيد ٿي ويو ه??. ص??ر مملڪت قوم طرفان شهيد ليفٽيننٽ ڪرنل محمد علي جي خدمتن ۽ بهادري کي خراج تحسين پيش ڪي??. ص??ر مملڪت شهيد ليفٽيننٽ ڪرنل محمد علي ۽ سندس خاندان جي وطن سان م??بت ۽ قرباني ??ي جذبي کي ساراهيندي چيو ته پوري قوم شهيدن ۽ سندن خاندانن جي قربانين کي قد?? جي نگاهه سان ڏسي ٿ??. ص??ر مملڪت چيو ته قوم پنهنجي شهيدن ۽ انهن جي قربانين کي ڪڏهن به نه وساريند??. ص??ر مملڪت شهيد جي ڪٽنب سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ صبر جي دعا ڪئي.