نيويارڪ -28 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نيويارڪ جو پنجن ڏينهن جو دورو مڪمل ڪرڻ بعد وطن واپس روانو ٿي ويو. وزيراعظم پنهنجي دوري دوران گڏيل قومن جي ج??رل اسيمبلي کي خطاب سميت مختلف ملڪن جي س??براهن سان ٻه طرفيون ملاقاتون پڻ ڪيون. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم، آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير رضوان سعيد شيخ، نيويارڪ ۾ قونصل ج??رل عامر اتوزئي ۽ گڏيل قومن ۾ نائب مستقل نمائندي عثمان جدون وزيراعظم کي ايئرپورٽ تي الوداع ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي 21 منٽن واري خطاب ۾ گڏيل قومن جي ج??رل اسيمبلي جي 79هين اجلاس جي ايجنڊا جي سمورن معاملن جو جائزو پيش ڪيو، جنهن ۾ فلسطين ۽ ڄمون ڪشمير سميت پراڻن مسئلن کي حل ڪرڻ جو ڀرپور مطالبو پڻ ڪيو. وزيراعظم سيشن جي موقعي تي س??براهي اجلاسن ۾ پڻ شرڪت ڪئي جنهن ۾ سمنڊ جي س??ح ۾ اوچائي س??ب پيدا ٿيل موجوده خطرن تي اعليٰ سطحي اجلاس ۽ ليڊرشپ فار پيس تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ کليو بحث به شامل هو. عالمي اڳواڻن سان گڏ سندس ٻه طرفين ملاقاتن ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري ج??رل انتونيو گوتريش ۽ يو اين جي اي جي صدر فليمون يانگ، برطانيه، ايران، بنگلاديش، نيپال ۽ مالديپ جي وفدن جي اڳواڻن سان گڏوگڏ عالمي بئنڪ ۽ عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي س??براهن سان به ملاقاتو?? شامل هيون. هن آمريڪي واپارين ۽ سيڙپڪارن سان ملاقاتون ۾ خيالن جو اظهار پڻ ڪيو.