اسلام آباد-19 س??پٽ??بر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ جي 36هين سالگره 21 س??پٽ??بر ڇنڇر ڏينهن ملهائي ويندي، سڄي ملڪ ۾ سالگره تقريبون منعقد ڪيون وينديون جڏهن ته پارٽي وومن ونگ پنج??ب جي انتظام هيٺ لاهور ۾ مرڪزي تقريب پنجاب سيڪريٽريٽ ۾ منعقد ٿيندي جنهن جي خاص مهمان پ پ اڳواڻ ثمينه خالد گهرڪي هوندي. ان حوالي سان پ پ پنج??ب جي صدر راجا پرويز اشرف جو چوڻ آهي ته هلندڙ سال پ پ سينٽرل پنج??ب جون سموريون تنظيمون بلاول ڀٽو زرداريءَ جي 36هين سالگره مختلف انداز ۾ ملهائينديون. هن چيو ته هر ضلعي تنظيم پنهنجي ضلعي جي يتيم خاني ۾ هڪ پروگرام منعقد ڪندي جنهن ۾ پارٽيءَ ??ي ٽڪيٽ هولڊرن سميت سمورين ونگز جا عهديدار شرڪت ڪندا ۽ معصوم ٻارن ۾ بلاول ڀٽو زرداري طرفان تحفا پيش ڪيا ويندا.