اسلام آباد-18 سيپٽمبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي رابطن بابت وزيراعظم جي ??وآ??ڊينيٽر رومينه خورشيد عالم چيو آه?? ته پاڪستان ڪوپ 29 ۾ موسمياتي قدمن، چئلينجز ۽ امڪاني حل پيش ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن يو اين ايف سي سي سي جي ڪوپ 29 جي تياري جي حوالي سان ترقياتي حصيدارن جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن ماحولياتي سفارتڪاري جي هدفن کي حاصل ڪرڻ، صنفي برابري کي هٿي ڏيڻ ۽ نجي شعبي جي شموليت ذريعي سمارٽ زراعت جي قدمن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ تعاون جي ضرورت تي روشني وڌي. هن پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلين کي جلد منهن ڏيڻ تي زور ڀريو جن??ن جو شمار عالمي سطح تي موسمياتي تبديلي سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ ٿئي ٿو. هن چيو ته عالمي ڪاربان خارج ڪرڻ ۾ هڪ سيڪڙو کان گهٽ حصو وجهڻ باوجود پاڪستان کي موسمياتي آفتن جا سنگين نتيجا درپيش آه??، ٻوڏ ۽ ڏڪار جن??ن بنيادي ڍانچي ۽ روزگار کي تباهه ڪري ڇڏيو آ??ي.2022ع ۾ آيل ٻوڏ سبب 24 ارب روپين کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو. هن ڪوپ 29 ۾ پاڪستان جي شرڪت کي يقيني بڻائڻ لاءِ ترقياتي حصيدارن کان موثر ڪردار ادا ڪرڻ جو مطالبو ڪيو جن??ن جو مقصد موافقت جي منصوبن لاءِ موسمياتي ماليات ۾ اضافو ڪرڻ آه??. وزيراعظم جي خاص مددگار چيو ته هو موسمياتي ۽ ماحولياتي چئلينجز لاءِ علائقائي حل تيار ڪرڻ لاءِ بزنس 20 ملڪن سان تعاون لاءِ سرگرم عمل آه??. هن موسمياتي حل ۾ صوبائي حڪومتن کي شامل ڪرڻ جي اهميت تي زور ڀريو جن??ن ۾ خاص ڪري پنجاب جي وزيراعليٰ طرفان کنيل فعال قدمن کي اجاگر ڪرڻ شامل آه??. موسمياتي تبديلي واري وزارت جي سيڪريٽري عائشه حميرا چوڌري اجلاس کي خطاب ڪندي ڪوپ 29 سربراهي اجلاس ۾ پاڪستان جي تيارين ۽ ڪاميابي کي يقيني بڻائڻ لاءِ پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو ۽ موسمياتي تبديلي جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ ٺوس منصوبابندي جي ضرورت تي زور ڀريو.