اسلام آباد -16 سيپٽمبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ 17 سيپٽمبر ت اڱاري ڏينهن 12 ربيع الاول عيد ميلاد النبي ص??ي الله عليه وسلم پُوري مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهائي ويندي ۽ ان موقعي تي سڄي مُلڪ ۾ عام موڪل هُجڻ سبب مالياتي ادارا، بئنڪون، چيمبرز، اسٽاڪ مارڪيٽس بند رهندا. ??سٽ??ٽ بئنڪ جي ترجمان ٻڌايو ته ??سٽ??ٽ بئنڪ ۽ ??سٽ??ٽ بئنڪنگ سروسز آف پاڪستان، سموريون شيڊولڊ بئنڪون ۽ مالياتي ادارا حڪومتي حڪمن جي روشني ۾ عام موڪل سبب بند رهندا. صنعت ۽ واپار واري وفاقي ايوان پاڪستان جي ترجمان ٻڌايو ته حڪومتي حڪمن جي روشني مطابق موڪل جو فيصلو جشن عيد ميلاد النبي ص??ي الله عليه وسلم جن جي سلسلي ۾ سڄي ملڪ ۾ عام موڪل سبب ڪيو ??يو آهي. اهڙي طرح اسٽاڪ ايڪسچينجز گارنٽيز لميٽيڊ به اڄ بند رهندا ۽ شي??رز جو خريد ۽ وڪرو، ڏيتي ليتي ۽ ڪو به ڪاروبار نه ٿيندو.