اسلام آباد – 27 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف تيراهه واديءَ جي ضلعي خيبر ۾ فتنه الخوارج نام نهاد لشڪر اسلام ۽ جماعت الاحرار جي دهشتگردن جي خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽ?? فورسز کي ساراهيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پاڪ فوج جون لازوال قربانيون وسارڻ جوڳيون نه آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چ??و ته پاڪ فوج ج?? بهادر آفيسرن ۽ ج??ان?? پيشيواراڻي مهارت ۽ بهادري جو مظاهرو ڪندي انتهائي گهربل دهشتگرد خارجي ليڊرن سميت 25 دهشتگردن کي ماريو ۽ 11 کي زخمي ڪري گرفتار ڪيو. هن چ??و ته آپريشن دوران شهادت ماڻيندڙ پاڪ فوج جي ج??ان?? کي مون سميت پو??ي قوم خراج عقيدت پيش ڪري ٿي. وزيراعظم چ??و ته ملڪ ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پاڪ فوج جون لازوال قربانيون وسارڻ جوڳيون نه آهن، دهشتگردي جي لعنت جي ملڪ مان مڪمل خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ جاري رکنداسين. وزيراعظم چ??و ته فتنه الخوارج کي ڪنهن به صورت ۾ ملڪ ۾ انتشار ۽ بدامني ڦهلائڻ جي اجازت نه ڏينداسين، دهشتگردي جي ملڪ مان خاتمي جي لاءِ پو??ي قوم پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي.