اسلام آباد-26 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ٽپال کاتي صارفين جي سهولت لاءِ سڄي ملڪ جي 27 شهرن ۾ اڄ کان ”اڄ جي ٽپال اڄ ئي تقسيم“ ڪرڻ جي سهولت فراهم ڪ??ي رهيو آهي، جنهن کي ڪاروباري برادريءَ جي پٺڀرائي حاصل آهي. پاڪستا?? پوسٽ جي عملدارن ”اي پي پي“ کي ٻُڌايو آهي ته پاڪستا?? پوسٽ سڄي ملڪ جو قومي ادارو آهي، جيڪو ملڪ جي ننڍن وڏ?? شهرن، ڳوٺن ۽ ٻهراڙيءَ ۾ صارفين کي پيشوراڻين خدمتن سان گڏوگڏ الائيڊ سروسز فراهم ڪ??ي رهيو آهي. هن چيو ته اڄ جي ٽپال اڄ ئي پڄائڻ تحت 5 کان 20 ڪلوگرام سامان جي رسد جي سروس فراهم ڪ??ي رهيو آهي. هن چيو ته شروعات ۾ اسلام آباد، لاهور، ڪراچي، پشاور ۽ ڪوئيٽه سميت هڪ ٻن وڏ?? شهرن ۾ سامان ۽ پارسل جي رسد آزمائشي بنيادن تي شروع ڪئي وئي، جنهن کي ڪاروباري برادريءَ جي ڀرپور پٺڀرائي حاصل ٿي. پوسٽ عملدارن ٻُڌايو ته ان وقت ملڪ جي 27 وڏ?? شهرن ۾ فراهم ڪ??ي پئي وڃي. هن چيو ته ان حوالي سان هي سروس ٻين ڪوريئر ڪمپنين جي ڀيٽ ۾ انتهائي سستي ترين سروس فراهم ڪ??ي رهي آهي. پاڪستا?? پوسٽ مستقبل ۾ اها سهولت ملڪ جي ٻي?? شهرن لاءِ به شروع ڪندي جنهن سان گهريلو ۽ ڪاروباري ٻنهي صارفين کي بااعتماد سروس گهر جي دروازي تي ميسر هوندي.