اسلام آباد – 15 – آگسٽ (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف چناب درياءَ جي ڀرپاسي وارن ??لائقن ۾ امڪاني شديد ٻوڏ ۽ پنجاب جي شهري علائقن ۾ ب??سا??ن سان ٻوڏ واري صورتحال جي امڪاني خطري کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اين ڊي ايم اي، پي ڊي ايم ايز ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي هاءِ الرٽ رهڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته واهن، نديءَ نالن ۽ درياءَ جي ڀرپاسي امڪاني ٻوڏ ريلن کي روڪڻ جي لاءِ اڳواٽ حفاظتي قدم کنيا وڃن. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب و??ير??عظم چيو ته 25 آگسٽ تائين سانوڻي جي امڪاني شديد اسپيل جي ڊيش بورڊ تان پاڻ نگراني ڪري رهيو آهيان، اين ڊي ايم اي، پي ڊي ايم ايز، ريسڪيو ۽ ريليف جا ادارا، سول ڊفينس ۽ ضلعي انتظاميا چناب درياءَ جي ڪيچمنٽ ايريا ۽ ب??سا??ن سبب ٻوڏ واري صورتحال جي خطري ۾ ورتل شهرن ۾ عوام جي حفاظت جي لاءِ هر وقت تيار رهن، ڪنهن ب?? هنگامي صورتحا?? ۾ ??اڻهن جي انخلا ۽ ريسڪيو، پاڻي جي نيڪالي، دوائن، خيمن ۽ ٻين امدادي شين جي پهچ جي لاءِ مڪمل تياري يقيني بڻائي وڃي. هن چيو ته ب??سا??ن ۽ ٻوڏ واري صورتحال کان امڪاني طور تي متاثر ٿيندڙ علائقن ۾ شهرين کي صورتحال بابت مڪمل طور آگاهه رکيو وڃي، واهن، نديءَ نالن ۽ درياءَ جي ڀرپاسي امڪاني ٻوڏ ريلن کي روڪڻ جي لاءِ اڳواٽ حفاظتي قدم کنيا وڃن. و??ير??عظم هدايت ڪئي ته يقيني بڻايو وڃي ته شهرين کي هر وقت صورتحال تي نظر رکڻ جي لاءِ اين ڊي ايم اي جي ڊيزاسٽر الرٽ ايپلي ڪيشن بابت آگاهي پهچي.