ڪراچي – 24 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم ??حمد ??هب??ز شريف باباءِ قوم قائداعظم ??حمد علي جناح جي مزار تي حاضري ڀري ۽ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي سنڌ جو گورنر ڪامران ٽ??سو??ي، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ۽ وفاقي وزير پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا. وزيراعظم ??زار تي گلن چادر چاڙهي ۽ مهمانن جي ڪتاب ۾ تاثر لکيا. وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم جو ڪراچي جو هي پهريون دورو آهي. ان موقعي تي وزيراعظم ??ختلف شعبن ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ نوجوانن سان مزار قائد تي پاڪستان جي خدمت ڪرڻ ۽ ملڪ جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جو حلف ورتو. نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين وچن ڪيو ته پاڪستان کي صحيح معنيٰ ۾ قائد جو پاڪستان ٺاهينداسين. وزيراعظم چيو ته پاڪستان قائم ٿيڻ ۾ نوجوانن جو اهم ڪردار رهيو. نوجوانن تحريڪ پاڪستان ۾ هر اول دستي جو ڪردار ادا ڪيو. ان کان اڳ وزيراعظم ??حمد ??هب??ز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهتو ته سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽ??سو??ي ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سندس استقبال ڪيو.