اسلام آباد– 04 – اپ??يل (اي پي پي) پاڪستان ايران جي شهر راسڪ ۽ چابها?? ۾ ??وليس ۽ سيڪيورٽي ٺڪاڻن تي ٿيندڙ ڪڌي ۽ وحشياڻي دهشتگرد حملن جي شديد مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جاري هڪ بيان ۾ چيو ته اسان متاثرين جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت ڪريون ٿا ۽ زخمين جي صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيون، پاڪستان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ ايران جي عوام ۽ حڪومت سان گڏ بيٺل آهي. ترجمان چيو ته پاڪستان هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪري ٿو، اسان کي هن ??طي ۾ دهشتگردي جي وڌندڙ ڪاررواين تي گهري ڳڻتي آهي، اهو هڪ علائقائي ۽ عالمي خطرو آهي جنهن ??ي لاءِ پرعزم ردعمل جي ضرورت آهي.