ڪراچي – 22 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??يڪ??يٽري شاهيره شاهد چيو آهي ته پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن هڪ اهم ادارو آهي، هي مختلف زبانن ۾ خبرون ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ تائين پهچائي ٿو. اها ڳالهه هن پ?? بي سي جي ڪراچي آفيس جي دوري جي موقعي تي خطاب ڪندي چئي. اطلاعات واري وفاقي ??يڪ??يٽري چيو ته ريڊيو پاڪستان جا مسئلا بشمول رهتن، پگهارن ۽ پينشن جي ادائيگي جا مسئلا ۽ انهن جي حل جي ل??ءِ لاڳاپيل فورم تي ڳالهه ٻولهه جاري آهي. هن چيو ته حڪومت انهن ادارن کي مالي طور تي پاڻڀرو بڻائڻ تي غور ڪري رهي آهي جن جا خرچ وڌيڪ آهن. ريڊيو پاڪستان تي بجلي جي يوٽيلٽي بلن جو بار به بحث هيٺ آهي ۽ ان مسئلي جي حل ل??ءِ پاور ڊويزن کي آن بورڊ وٺڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. هن چيو ته اڳ ۾ پينشنرز پنهنجي پينشن جي دير سان ادائگي سبب متاثر ٿيندا هئا پر هاڻي پينشنرز کي انهن جي پينشن وقت سر ادا ڪئي پئي وڃي. اطلاعات واري ??يڪ??يٽري ريڊيو پاڪستان ۽ ان جي ملازمن جي بهتري جي ل??ءِ حڪومت پاران کنيل قدمن تي پڻ روشني وڌي جنهن ۾ سرڪاري اسڪيل کي اختيار ڪرڻ ۽ ٻيا شامل آهن. شاهيره شاهد چيو ته ريڊيو جي ٽرانسميٽرز کي پڻ بهتر بڻايو پيو وڃي ته جيئن بنا رڪاوٽ ٽرانسميشن کي يقيني بڻائي سگهجي ۽ اداري جي نشريات کي سينٽرلائز ڪرڻ جي ل??ءِ روات، اسلام آباد ۾ هڪ سيٽ ا?? قائم ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته ملازمن کي طبي سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي ل??ءِ تنظيمي سطح تي پڻ قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته ريڊيو پاڪستان جي ملڪيتن کي اداري جي بهتري ۽ ملازمن جي ڀلائي جي لاءِ پڻ استعمال ڪيو پيو وڃي. واضح رهي ته اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??يڪ??يٽري شاهيره شاهد ڪالهه جمعي ڏينهن ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان ڪارپوريشن (اي پي پي سي) ج?? بيورو آفيس ڪراچي جو پڻ دورو ڪيو، بيورو آفيس جي مختلف شعبن جو معائنو ڪيو ۽ بيورو چيف اطلاعات واري وفاقي ??يڪ??يٽري ک?? بيورو جي ڪارڪردگي بابت بريفنگ ڏني. ان کان اڳ اطلاعات واري وفاقي ??يڪ??يٽري پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن جي عمارت پهتي ۽ نيو براڊ ڪاسٽنگ هائوس ۾ منعقد آجياڻي ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اسٽيشن ڊائريڪٽر پ?? بي سي، پي آءِ ڊي جا سينيئر آفيسر، بيورو چيف اي پي پي ۽ آڊٽ بيورو آف سرڪيوليشن جا آفيسر پڻ اطلاعات واري ??يڪ??يٽري سان گڏ هئا. بعد ۾ هن اي پي پ?? بيورو آفيس جي مختلف ??يڪ??نز، ا?? بي سي، ريديو پاڪستان ۽ فشريز ڊپارٽمينٽ جي آفيسن جو پڻ معائنو ڪيو ۽ لاڳاپيل آفيسن جي آفيسرن اطلاعات واري ??يڪ??يٽري کي بريفنگ ڏني. ان کان اڳ اطلاعات واري ??يڪ??يٽري جو پ?? بي سي بلڊنگ اچڻ تي ريڊيو پاڪستان جي اسٽيشن ڊائريڪٽر ۽ اي پي پي ۽ آڊٽ بيورو آف سرڪيوليشن جي ٻين سينيئر آفيسرن شاندار استقبال ڪيو.