اسلام آباد-10 مارچ (اي پي پي) آصف علي زرداري صدر مملڪت جي عهدي جو حلف کڻي ورتو. چي?? جسٽس آف پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کائنس حلف ورتو. حلف برداري جي پروقار تقريب ٽپهري جو ايوان صدر ۾ منعقد ٿي. وزيراعظم شهباز شريف، عهدو ڇڏيندڙ صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي، اڳوڻو نگران وزيراعظم انور الحق ڪاڪڙ، پنجاب جو گورنر بل??غ الرحمان، ڪي پي ڪي جو گورنر حاجي غلام محمد، سنڌ جو گورنر ڪامران خان ٽيسوري، سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه، بل??چستان جو وڏو وزير سرفراز احمد بگٽي، چيئرمين جوائنٽ چي??س آف آسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد، آرمي چي?? جنرل سيد عاصم منير، پاڪ بحريه جي سر??راهه ايڊمرل نويد اشرف، پاڪ فضائيه جو سر??راهه ايئر چي?? مارشل ظهير احمد بابر سنڌو، نون چونڊيل اسيمبلي ميمبرن، پرڏيهي سفارتڪارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان مسلم ليگ (ن) جو قائد محمد نواز شريف، سينيٽر اسحاق ڊار، پاڪستان پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، اڳوڻو اسپيڪر راجا پرويز اشرف، يوسف ??ضا گيلاني، پنجاب اسيمبلي جو اسپيڪر ملڪ احمد خان، شرجيل ميمڻ، ملڪ عامر فدا پراچا، نواب جمال خان رئيساڻي سميت ٻي سياسي قيادت موجود هئي. هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته صدر آصف علي زرداري 2008ع کان 2013ع تا??ين به صدر مملڪت جي عهدي تي رهي چڪو آهي.