اسلام آباد – 21 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد ناليواري صحافي، ڪالم نگار ۽ تجزي نگار نذير ناجي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري چيو ته نذير ناجي جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي ڏک ٿيو، مرحوم هڪ قابل صحافي ۽ تجزيه ??گار هو، جنهن پنهنجي ڪم سان صحافت جي دنيا ۾ خاص مقام حاصل ڪيو. هن چيو ته مرحوم نذير ناجي جو لاڏاڻو صحافت جي شعبي جي لاءِ وڏ?? نقصان آهي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم نذير ناجي کي ??نت ۾ الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ سندس پونئيرن کي ??بر جميل عطا فرمائي.