اسان جي دفاعي صلاحيت جي ڪري ڪنهن ۾ جرئت نه آهي ته پاڪستان طرف اک کڻي ڏسي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ

image

مظفر آباد – 15 – ڊسمبر (اي پ?? پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته اسان جي دفاعي صلاحيت جي ڪري ڪنهن ۾ جرئت نه آهي ته پاڪستان طرف اک کڻي ڏسي، گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب ريفرنڊم کانسواءِ ڪشمير مس??لي جو ڪو حل قبول نه آهي، مودي والاريل ڪشمير کي دنيا جي سڀ کان وڏي جيل بڻائي ڇڏيو، اسرائيل فلسطينين جي نسل ڪشي ڪري رهيو آهي، اصل ڌيان ان ??الهه تي رهڻ گهرجي ته اسرائيلي ظالم نيتن ياهو جا هٿ ڪيئن روڪيا وڃن، اتي جنگبندي ٿئي ۽ انساني لنگهه کلي، پاڪستان ۾ قانوني طور تي رهندڙ غيرملڪين کي واپس نه پيو موڪليو وڃي، پنهنجا وسيلا غيرقانوني طور تي رهندڙ غيرملڪين تي نه پنه??جي شهرين تي خرچ ڪرڻا آهن، معيشت بهتر ٿي رهي آهي، اميد آهي ته وياج جي شرح ۾ به گهٽتائي ايندي، يونيورسٽين کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، داخلائن جي لاءِ ڪوٽا جو مسئلو گڏيل مشاورت سان حل ڪيو ويندو، وفاقي حڪومت آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي شاگردن جي مسئلن جي حل لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي. آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي يونيورسٽين جي شاگردن ۽ شاگردياڻين سان ??الهه ٻولهه ڪندي نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي آبادي 24 ڪروڙ آهي ۽ 60 کان 65 سيڪڙو آبادي نوجوانن تي ٻڌل آهي. ٻاهرئين ملڪ رهندڙ ڪشميري آزادي جي تحريڪ جو اهم حصو آهن. معاشي موقعا پيدا ڪرڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي جي ضرورت آهي. روزگار حاصل ڪرڻ جي لاءِ ٻاهرئين ملڪ ويندڙن کي منفي انداز ۾ نه وٺڻ گهرجي. نوجوانن کي ڄاڻ هجڻ گهرجي ته اهي جنهن شعبي جي تعليم حاصل ڪري رهيا آهن ان جي عملي ميدان ۾ ڪيتري اهميت آهي، معياري تعليم تي ڌيان ??يڻ جي ضرورت آهي، يونيورسٽين کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. ايڇ اي سي سان مي??يڪ?? ۽ ٻين شعبن ۾ تعليم جي فروغ لاءِ اسان جي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، ان جي لاءِ هڪ ٺوس منصوبو جوڙيو پيو وڃي. اميد آهي ته ان جا بهتر اثر پوندا. داخلائن جي لاءِ ڪوٽا جو مسئلو گڏيل مشاورت سان حل ڪيو ويندو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ نگران وزيراعظم چيو ته هڪ جهڙو تعليمي نصاب سنجيده معاملو آهي ۽ اهو چئلينج به آهي، ان تي تفصيلي غور فڪر ڪري عملدرآمد ٿيڻ گهرجي، سنجيده بحث سان ئي اسان ??نهن نتيجي تي پ??چي سگهون ٿا. پارليامينٽ کي ان ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اسان حوصلا افزائي ڪنداسين ته ان تي ڪو لاڀائتو بحث ڪيو وڃي. اڳتي وڌڻ جي لاءِ مڪالمي جو فروغ ضروري آهي. هن چيو ته فزيوٿراپي ڪائونسل ۽ نرسنگ ڪائونسل جي حوالي سان جيڪي به معاملا آهن آزاد ڪشمير جي حڪومت سان ان تي ڳالهه ڪنداسين. مي??يڪ?? جي تعليم جي حوالي سان هڪ نئين پاليسي ٺاهي پئي وڃي، 15 جنوري تائين منظوري جي لاءِ اها ڪابينا ۾ پيش ڪئي ويندي جنهن ۾ سمورن معاملن جو حل ڏنو ويندو. هن چيو ته مي??يڪ?? جي شعبي جي مسئلن جي حل لاءِ آزاد ڪشمير حڪومت سان ??رپور تعاون ڪنداسين. نگران وزيراعظم چيو ته نريندر مودي والاريل ڪشمير کي دنيا جي سڀ کان وڏي جيل بڻائي ڇڏيو آهي. ماڻهن جي چرپر ۽ هڪ ٻئي سان ملڻ تي پابندي آهي. اهي سمورا مسئلا ان وقت حل ٿيندا جڏهن ڪشمير مس??لي جو حتمي حل نڪرندو. ان حتمي حل کانپوءِ سڀني جي لاءِ آسانيون پيدا ٿينديون. هن چيو ته ڪوريڊورز جي پ??ه??جي اهميت آهي پر ان ۾ ڀارت هڪ وڏي ۽ ظالم ڌر آهي. ڪشمير جي ٻنهي حصن جي وچ ۾ ڪوريڊور قائم ڪرڻ جي لاءِ اسان هڪطرفي طور تي ڪو فيصلو نٿا ڪري سگهون. نگران وزيراعظم چيو ته ڪشمير مس??لي جو حتمي حل گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب منصفاڻو ۽ غيجانبداراڻو ريفرنڊم آهي. ڪشميري عوام، پاڪستان ۽ ڀارت ان مس??لي جا سڀ کان وڏي ڌر آهن، ريفرنڊم کانسواءِ ڪو حل قابل قبول نه هوندو. نگران وزيراعظم چيو ته افواهون دوست نه پر دشمن ڦهلائيندا آهن، اهي چاهين ٿا ته اسان جي وچ ۾ غلط فهميون پيدا ٿين، اسان جي اها ذميواري آهي ته اسان انهن افواهن جو ازالو ڪريون ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ منفي جذبن جو ازالو ڪريون. ڪشمير جي آزادي جي تحريڪ ۾ هزارين ڪشميرين پنهنجو رت وهايو آهي. پاڪستان ان مس??لي تي ٽي جنگيون وڙهي چڪو آهي ۽ اڳتي به هر قسم جي جنگ وڙهڻ جي لاءِ تيار آهي. ڪشمير مس??لي جو رڳو هڪ ئي حل آهي ۽ اهو آهي ريفرنڊم. اسان ??ارت جي جنهن قدم جي خلاف عالمي سطح تي آواز اٿاري رهيا آهيون اهو ئي قدم پاڻ ڇو کڻنداسين، ڪشميري پ??هنجو فيصلو پنه??جي مرضي سان ??ندا، ڪشمير مس??لي تي پ??ه??جي موقف تان هڪ انچ به پٺتي نه هٽنداسين ۽ ان ??ي هر فورم تي اجاگر به ڪندا رهنداسين، پاڪستان ??شميرين جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. نگران وزيراعظم چيو ته هائوس جاب جو معاوضو پوري ملڪ ۾ برابر هجڻ گهرجي. وفاقي حڪومت جيڪڏهن ان ??س ۾ ڪو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي ته ڪندي. نگران وزيراعظم چيو ته اسٽيٽ بئنڪ کي 2019ع ۾ خودمختيار بڻايو ويو آهي. ناڻي واڌ جي شرح کي نظر ۾ رکندي وياج جي شرح جو تعين ڪيو وڃي ٿو. اسان اسٽيٽ بئنڪ تي وياج جي شرح ۾ گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ دٻاءُ نه ٿا وجهي سگهون پر جهڙي طرح معيشت بهتري طرف وڃي رهي آهي، اميد ڪريون ٿا ته مستقبل ۾ وياج جي شرح ۾ به گهٽتائي ايندي. نگران وزيراعظم چيو ته وچولو ۽ وچٿرو طبقو پاڪستان جو بنياد آهي ۽ انهي طبقن کي ملڪ کي اڳتي وٺي هلڻو آهي. اسڪالرشپ جي فراهمي جي حوالي سان امتيازي رويو ڪنهن سان نه ٿيڻ گهرجي. ليپ ٽاپ اسڪيم ۾ به ڪشمير جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي نظرانداز نه ڪيو ويندو ۽ جيڪڏهن ڪا ڪوتاهي ٿي آهي ته ان جو ازالو ڪيو ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ نگران وزيراعظم چيو ته ڀارتي سپريم ڪورٽ جي فيصلي بابت آزاد ڪشمير جي قيادت ۽ حريت اڳواڻن سان ??گهي مشاورت ٿي آهي ۽ فيصلو ڪيو ويو آهي ته اسان ??ي ڀرپور توانائي سان ??شمير مس??لي کي اجاگر ڪرڻو آهي. ڪشميري قيادت، ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين ۽ ٻين طبقن کي ڪهڙي طرح متحرڪ ڪيو ويندو، ان جا عملي اثر جلد نظر ايندا. نگران وزيراعظم چيو ته تحقيق ۽ ترقي قومن کي باعزت مقام ڏيارين ٿيون، مي??يڪ?? جي شعبي جي لاءِ خصوصي معاون جي مقرري به ڪئي وئي آهي، اهو به آزاد ڪشمير جو دورو ڪري ان حوالي سان معاملن جو جائزو وٺندو. هڪ سوال جي جواب ۾ نگران وزيراعظم چيو ته قومون پنه??جي جاگرافيائي سان ??ڏوگڏ پنه??جي روح جي لاءِ وڙهن ٿيون، ڪشمير تڪرار رڳو پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ نه آهي، پر ڪشميري ان جو هر اول دستو آهن، ڪشميرين جي 200 سال جي تاريخ آهي ۽ اها سڃاڻپ تمام پراڻي آهي، ان جنگ ۾ پاڪستان ??شميرين سان ??ڏ بيٺل آهي، ڪشميرين جي 99.9 سيڪڙو آبادي وڏي جرئت ۽ همت سان وڙهي رهي آهي. نگران وزيراعظم چيو ته مون غزه کي اهڙو مقام قرار ڏنو آهي جتي ٻارن سان هولوڪاسٽ ٿي رهيو آهي، اسرائيلي جنگي ڏوهن جو ذڪر اسان هر جاءِ تي ڪيو آهي ۽ اڳتي به ڪندا رهنداسين، اسرائيل جيڪي ظلم ڪري رهيو آهي انساني تاريخ ۾ ان جو مثال شايد ئي ملي ٿو، حضرت موسيٰ جا پيروڪار هجڻ جا دعويدار فرعون بڻيل آهن، اسرائيل فلسطينين جي نسل ڪشي ڪري رهيو آهي، اسرائيلي فوج ٻارن ۽ عورتن کي نشانو بڻائي رهي آهي، اهڙي ڳالهه نه آهي ڪو سمجهي ته رڳو انهن جا جذبا آهن ۽ حڪومت جذبن کان خالي آهي. هن چيو ته بجاءِ ان جي جو اسان هڪ ٻئي جي گريبانن ۾ هٿ وجهون پر اصل ڌيان ان ??الهه تي رکڻ گهرجي ته هي جيڪو اسرائيلي ظالم نيتن ياهو آهي ان جا هٿ ڪيئن روڪيا وڃن ۽ اسان جي پ??رين ڪوشش جنگبندي ۽ انساني ڪوريڊور کولڻ جي مطالبي تي رهي، غيرضروري بحث ڪنهن صورت ۾ به انهن معصوم شهيدن جي حق ۾ نه هوندو. نگران وزيراعظم چيو ته غزه اسان جي دل ۽ دماغ ۽ روح جي ويجهو آهي، فلسطينين تي ظلمن جي ڪري اسرائيل جي خلاف دنيا ۾ نفرت ۾ اضافو ٿيو آهي، غزه ۾ جنگبندي جي لاءِ سنجيده ڪوششون ڪرڻ گهرجن، پاڪستان فلسطينين ڀائرن سان ??ڏ بيٺل آهي. پاڪستان ۾ غيرقانوني طور تي رهندڙ غيرملڪين جي وطن واپسي بابت سوال جي جواب ۾ نگران وزيراعظم چيو ته اسان هڪ به افغان پناهگير کي واپس ناهي موڪليو، 50 لک افغان پناهگير پاڪستان ۾ رهي رهيا آهن، انهن مان 16 کان 17 لک جي رجسٽريشن ڪئي وئي، رجسٽرڊ ماڻهن مان ??نهن هڪ کي به واپس ناهي موڪليو ويو پر ان سان ??ڏوگڏ لکين ماڻهن وٽ ڪو قانوني دستاويز نه هو ۽ اسان انهن کي لاڳيتو چئي رهيا هئاسين ته اهي پ??ه??جي وطن واپس وڃن ۽ اتان قانوني دستاويز تي پاڪستان اچي سگهن ٿا. هن چيو ته اسان ??ي پ??هنجا وسيلا پنه??جي شهرين تي استعمال ڪرڻا آهن، غيرقانوني طور تي رهندڙ غيرملڪين تي نه. هن چيو ته ذهني صحت جي حوالي سان معاملن کي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ اميد آهي ته آزاد ڪشمير حڪومت ان حوالي سان قدم کڻندي. نگران وزيراعظم چيو ته اسان ??ي ڪنهن سان جنگ وڙهڻ جو شوق نه آهي پر جيڪڏهن ڪير سمجهي ٿو ته اسان ??مزوري ڏيکارينداسين يا جهُڪي وينداسين ته اهو پنه??جي غلط فهمي ختم ڪري ڇڏي، هو 30 جنگيون وڙهندا ته اسان 300 جنگيون وڙهڻ جي لاءِ تيار آهيون، پاڪستان جي دفاعي صلاحيت جي ڪري ڪنهن ۾ جرئت نه آهي ته پاڪستان طرف اک کڻي ڏسي. جيڪا نعمت اسان ??ي رياست جي صورت ۾ ملي آهي ان جو قدر ڪرڻ گهرجي. نگران وزيراعظم چيو ته هو هتي مشاورت جي لاءِ آيو آهي ۽ ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو آهي، هڪ ٻئي جي حوصلا افزائي به ڪنداسين ۽ هڪ ٻئي کان سکنداسين به، ڪنهن قدم جي مذمت ڪرڻ به هڪ عمل هوندو آهي، سفارتي، ميڊيا سميت ڪنهن به محاذ کي آواز اٿارڻ کانسواءِ نه ڇڏڻ گهرجي، سفارتي سطح تي ڪنهن به قدم جي جيڪڏهن مذمت ڪئي ويندي آهي ته اها به هڪ سفارتي گهرج هوندي آهي ان ??ي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي.

مضمون کا ماخذ : لاٹری کے بہترین ٹکٹ
سلاٹس پر مفت اسپن کو کیسے متحرک کریں۔_سلاٹ بونس گیمز_علامتیں_آٹو پلے سلاٹ گیمز_فون سلاٹ گیمز کے ذریعے ادائیگی کریں۔ سلاٹ گیمز کے ساتھ کیسینو_آن لائن کیسینو سلاٹ مشینیں۔_عملی پلے سلاٹس_آٹو پلے سلاٹ گیمز_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں بہترین فطرت پر مبنی سلاٹس_سلاٹ مشین ایپس_Novomatic Slot Machines_افسانوی مخلوق سلاٹ مشینیں_سلاٹ مشین کے جائزے اور درجہ بندی پاکستان کے لیے ٹاپ اردو سلاٹ ایپس_آٹو پلے کی خصوصیات کے ساتھ بہترین سلاٹس_سب سے بڑے سلاٹ جیک پاٹس_مائیکرو گیمنگ سلاٹس_ویڈیو سلاٹس پر جیتنے کا طریقہ NetEnt Slot Games_iOS آلات پر سلاٹ گیمز کھیلیں_فوری جیت کے ساتھ سلاٹس_بونس راؤنڈ کے ساتھ سلاٹ مشین_سلاٹ گیمز اسلام آباد میں مقبول ہیں۔ نیٹلر سلاٹس_پاکستان میں موبائل کے لیے مفت سلاٹ گیمز_پاکستان کے لیے آن لائن سلاٹس_گولیاں کے لیے مفت سلاٹ گیمز_ٹاپ ریٹیڈ سلاٹ ایپس بڑے جیک پاٹس کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_فوری کھیلنے کے اختیارات کے ساتھ سلاٹ گیمز_اردو میں کیسینو سلاٹس_پاکستانی کھلاڑیوں کے لیے آن لائن سلاٹ ٹورنامنٹ_ٹاپ سلاٹ گیم فورمز ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پلےٹیک سلاٹس_سلاٹ مشین_سلاٹ مشین کی ادائیگیوں کو محفوظ بنائیں_آئی فون پر سلاٹ گیمز ہائی لمیٹ سلاٹ مشینیں۔_سمندری ڈاکو سلاٹ مشینیں۔_فوری جیت سلاٹ مشینیں_کیسینو سلاٹ گیمز فیڈ بیک_ایک سے زیادہ بونس راؤنڈ کے ساتھ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس