اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان گڏيل قومن ۽ او آءِ ??ي جي لاڳاپيل قراردادن موجب فلسطيني?? جي ناقابل تنسيخ خودمختياري جي حق جو حامي آهي، اسرائيل جي تازي وحشياڻي ۽ انڌاڌنڌ جارحيت جي نتيجي ۾ اٽڪل 15500 فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن، فلسطين ۾ شهيدن ۾ وڏو انگ ٻارن ۽ عورتن جو آهي، 37 هزار کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي چڪا آهن. فلسطيني عوام سان يڪجهتي جي اظهار جي ڏينه?? جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ??ڄ جي ڏينهن فلسطيني ڪاز جي لاءِ پاڪستا?? جي مسلسل ۽ اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪريان ٿو، پاڪستان فلسطيني عوام جي جائز جدوجهد جي سدائين حمايت ڪئي ??هي. هن چيو ته ??ڄ جي ڏينهن ٻه رياستي حل جي لاءِ پاڪستا?? جي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪريون ٿا، پاڪستان جون 1967ع کان اڳ جي سرحدن سان گڏ هڪ آزاد، خودمختياري ۽ جاگرافيائي ??ور تي لڳولڳ فلسطيني رياست جي حمايت ڪري ٿو.