روالپنڊي -21 نومبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز ڏکڻ وز??رس??ان ۽ ڊيره اسماعيل خان ۾ ڳجهي معلومات تي ڪارروائيون ڪيون جنهن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 3 دهشتگرد م??رج?? ويا، جڏهن ته ڏکڻ وز??رس??ان ۾ ديسي ساخت جو بم ڦاٽڻ سبب پاڪ فوج جو جوان شهيد ٿي ويو. آءِ ايس پي آر مطابق 20 نومبر 2023ع تي ڊيره اسماعيل خان ضلع جي علائقي ڪلاچي ۾ انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن ڪيو ويو ۽ شديد فائرنگ جي ڏي وٺ بعد 2 دهشتگرد م??رج?? ويا. ڏکڻ وز??رس??ان جي علائقي ڪوٽ اعظم ۾ ڪيل هڪ ڌار ڪارروائي ۾ هڪ ٻيو دهشتگرد م??رج?? ويو. م??رج?? ويل ٽنهي دهشتگردن وٽان هٿيار ه?? ڪيا ويا جيڪي سيڪيورٽي فورسز سان گڏوگڏ معصوم شهرين خلاف دهشتگردي جي ڪيترين ئي ڪارروائين ۾ استعمال ٿيندا رهيا. هڪ ٻيو واقعو اتر وز??رس??ان صلع جي غوريوم ۾ پيش آيو جتي هڪ ديسي ساخت جو بم ڦاٽي پيو جنهن جي نتيجي ۾ سپاهي شاهه زيب جنهن جي عمر 26 سال هئي ۽ هو راولپنڊي جو رهواسي هو شهيد ٿي ويو. علائقي ۾ موجود ڪنهن به دهشتگرد کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪارروائيون جاري آهن. آءِ ايس پي آر چيو آهي، ته پاڪستان جون سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن ۽ اسان جا بهادر سپاهي اهڙيون قربانيون ڏئي اسان جي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪري رهيا آهن.