اسلام آباد – 14 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارال??ق ڪاڪڙ سان خيبرپختونخواهه جي نگران وڏي وزير ج??ٽس (ر) ارشد حسين ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ خيبرپختونخواهه صوبي جي انتظامي معاملن ۽ امن امان جي صورتحال ۽ اسمگلنگ کي روڪڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ نگران وزيراعظم انوارال??ق ڪاڪڙ ج??ٽس (ر) ارشد حسين کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. نگران وزيراعظم نگران وڏي وزير ج??ٽس (ر) ارشد حسين جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته هو صوبي ۾ آزاداڻي ۽ شفاف چونڊون منعقد ڪرڻ ۾ اليڪشن ڪميشن جي مدد ۾ پنهنجو آئيني ڪردار ڀرپور طري??ي سان ادا ڪندو.