اسلا?? آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ۽ انساني حقن واري وزير خليل جارج غزه جي عوام جي لاءِ پاڪستان مان امدادي ??امان جي ٻي کيپ کڻي ويندڙ خصوصي جهاز کي اسلا?? آباد انٽ??ني??نل ايئرپورٽ تان روانو ڪيو. پرڏيهي آفيس موجب امدادي ??امان جي روانگي ج?? موقعي تي ٿيندڙ تقريب ۾ اسلا?? آباد ۾ فلسطيني سفير احمد جواد ربيع، پرڏيهي وزارت ۽ اين ڊي ايم اي جا سينيئر عملدار پڻ موجود هئا. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ان موقعي تي خطاب ڪندي فلسطيني ڀائرن ۽ ڀينرن سان پاڪستان جي مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪ??و ۽ اسرائيل پاران غزه ۾ گهيريل عورتن، ٻارن سميت شهرين جي خلاف طاقت جي وحشياڻي غيرمتناسب ۽ انڌاڌنڌ استعمال جي مذمت ڪئي. نگران پرڏيهي وزير اسرائيلي جارحيت جي فوري خاتمي ۽ غزه جو گهيراءُ ختم ڪرڻ جي فوري ضرورت تي زور ڏنو. هن انصاف ۽ انسانيت جي اصولن کي برقرار رکڻ ۽ غزه جي ماڻهن کي انساني امداد جي فراهمي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ تي زور ڏنو. کيپ ۾ صحت جي حفاظت واريون ڪٽس، دوائون ۽ فوڊ پيڪيٽس شامل آهن. غزه جي عوام لاءِ پاڪستان مان امدادي ??امان جي پهرين کيپ 19 آڪٽوبر 2023ع ت?? موڪلي وئي هئي.