اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران و??اق?? وزير مرتضيٰ سولنگي خيبر ضلعي جي علائقي تيراهه ۾ دهشتگردن سان مقابلي ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل ۽ 3 فوجي جوانن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي حفاظت جي لاءِ جان قربان ڪندڙ پاڪ فوج جا جوان قوم جا هيرو آهن، شهيدن پنه??جي رت سان بهادري ۽ جرئت جي بي مثال تاريخ لکي آهي، پوري قوم پاڪ فوج جي شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿي. پنه??جي بيان ۾ اطلاعات واري نگران و??اق?? وزير دهشتگردن سان مقابلي ۾ شهيد ٿيندڙ ليفٽيننٽ ڪرنل محمد حسن حيدر، نائيڪ خوش دل خان، نائيڪ رفيق خان ۽ لانس نائيڪ عبدالقادر جي درجن جي بلندي جي لاءِ دعا ڪئي ۽ گهرڀاتين سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو. اطلاعات واري نگران و??اق?? وزير چيو ته پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ هر پهرين دستي جو ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته ملڪ مان دهشتگردي جو مڪمل خاتمو آڻي سک جو ساهه ??ڻن??اسين، د??من جا ناپاڪ ارادا ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، پوري قوم پاڪ فوج سان گڏ بي??ل آهي.