ابوظهبي – 27 – ??وم??ر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اڄ سومر ڏينهن گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان سان ملاقات ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ?? اقتصادي، واپاري، س??ڙپڪاري، ثقافتي، دفاع ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ لاڳاپن سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ تي ڳا??هه ٻولهه ٿيندي. پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ توانائي، پورٽ آپريشنز جي منصوبن، ويسٽ واٽر ٽريٽمينٽ، فوڊ سيڪيورٽي، لاجسٽڪس، کاڻين جي کوٽائي، ايوي ايشن ۽ بئنڪنگ اينڊ فن??نس سروسز جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي تعاون سميت مختلف شعبن ۾ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون پڻ ڪيون وينديون.