اسلام آباد – 13 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ۽ خيبرپختونخواهه جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) سيد ارشد حسين شاهه جي وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو جن??ن ۾ ايندڙ چونڊن، ميڊيا جي شعبي ۾ تعاون ۽ صحافين جي مسئلن س??يت ٻين اهم معاملن تي ??يا??ن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي جسٽس (ر) سيد ارشد حسين شاهه کي نگران وڏي وزير جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏيندي چونڊ عمل کي صاف، شفاف ۽ غيرجانبدار بڻائڻ جي لاءِ اليڪشن ڪميشن کي هر ممڪن تعاون ۽ سهولت فراهم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. چونڊن دوران ميڊيا کي هر ممڪن س??ولتون فراهم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته نگران حڪومت اظهار راءِ جي آزادي تي پڪو يقين رکي ٿي، اسان آئين تحت پنهنجون ذميواريون سرانجام ڏئي رهيا آهيون، سمورين س??اسي پارٽين کي هڪجهڙا موقعا فراهم ڪيا پيا وڃن، خيبرپختونخواهه جي صحافين جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪنداسين.