اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ??يو آهي ته غيرقانوني طور تي رهندڙ ماڻهن کي ملڪ بدر ڪرڻ جو تازو فيصلو افغان پناهگيرن کي نشانو بڻائڻ جي لا??ِ ناهي ڪيو ويو پر ??هو انهن سمورن غيرملڪين جي خلاف آهي جن وٽ ويزا دستاويز نه آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان ۾ افغان پناهگيرن جي حوالي سان قومي پاليسي ۾ ڪا تبديلي ناهي ٿي ۽ انهن جي محفوظ واپسي هڪ جدا مسئلو آهي. ترجمان ??يو ته جاري آپريشن انهن ماڻهن جي خلاف آهي جن يا ته پنهنجي ويزا کان وڌيڪ قيام ڪيو آهي يا ا??هن وٽ قيام جي لا??ِ صحيح دستاويز نه آهن. هن واضح ڪيو ته ان آپريشن جو انهن افغان پناهگيرن سان ??و تعلق نه آهي جن جي پاڪستان معاشي مجبورين جي باوجود ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ميزباني ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ ٻطرفو واپار جاري آهي جڏهن ته هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان ٽرانزٽ ٽريڊ جي سهولتن جي غلط استعمال کي قبول نه ڪندو. هن چيو ته پاڪستان واضح طور تي افغانستان ??ان خطرن بابت پنهنجي خدشن جو اظهار ڪندو رهيو آهي. هن چيو ته اسان سفارتڪاري تي يقين رکون ٿا ۽ افغان عملدارن سان ڳالهه ٻولهه جاري رکنداسين ته جيئن ان ڳالهه کي يقيني بڻائي سگهجي ته افغان سرزمين دهشتگردي کي هوا ڏيڻ جي لا??ِ استعمال نه ٿئي. ترجمان ??يو ته پاڪستان ??ارتي عملدارن سان رابطي ۾ آهي ۽ انهن تي زور ڏنو ويو آهي ته اهي پاڪستاني صحافين ۽ تماشائين کي ويزا جاري ڪن جيڪي ڀارت ۾ آءِ سي سي ورلڊ ڪپ ڏسڻ چاهين ٿا. هن چيو ته اها ميزبان ملڪ جي ذميواري آهي ته اهو پاڪستان ??رڪيٽ ٽيم کي سيڪيورٽي ۽ سازگار ماحول فراهم ڪري. ترجمان ان ڳالهه تي زور ڏنو ته راندين کي سياست کان سان ??نڍڻ نه گهرجي. هن چيو ته پاڪستاني ٽيم ٻطرفي ڪرڪيٽ سيريز جي لا??ِ ڀارت جو دورو نه ڪري رهي آهي ۽ ان ??ي عالمي سيريز ۾ شرڪت جو پورو حق حاصل آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ ترجمان ??يو ته پرڏيهي وزارت کي اليڪشن ڪميشن پاران ايندڙ عام چونڊن جي لا??ِ عالمي مبصرن کي گهرائڻ جو باضابطا پيغام مليو آهي. هن چيو ته ان عمل کي پاليسي ۽ ماضي جي طرزعمل موجب آسان بڻايو ويندو.